ديوان گلزار غمدل

ديوان گلزار غمدل

ديوان گلزار غمدل

ديوان گلزار غمدل (ڪتاب): هي ديوان سنڌ جي نامياري صوفي شاعر ۽ درويش غمدل فقير جي ڪلام تي مشتمل آهي، جنهن کي غمدل فقير جي فرزند مرحوم فقير لطف علي دايي سهيڙيو. هن ديوان ۾ غمدل فقير جو سنڌي، سرائيڪي، اردو، هندي ۽ فارسي ٻولين ۾ ڪلام شامل آهي. ان کان سواءِ هن ديوان ۾ غمدل فقير جي تفصيلي سوانح حيات سان گڏوگڏ سندس ڪلام جو سندس همعصر شاعرن جي ڪلام سان تقابلي جائزو پڻ ڏنو ويو آهي. هي ديوان ڏهن ڀاڱن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ چاليهه باب آهن. هن ديوان ۾ غمدل فقير جون يادگار تصويرون به ڏنيون ويون آهن ۽ سندس شخصيت تي لکيل ٻين شاعرن جو ڪلام به شامل ڪيو ويو آهي. ڊبل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب کي غمدل فقير جي هڪ عقيدتمند مرحوم فقير غلام مصطفى جوکيي (سابق اي. ڊي. ايم روينيو) 1989ع ۾ ڇپايو. 475 صفحن تي مشتمل هن ديوان جي قيمت ٻه سؤ روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو